سلمان خان ڏکئي وقت ۾ شاهه رخ سان گڏ

اداڪار سلمان خان پنهنجي دوست ۽ ساٿي اداڪار شاهه رخ خان ۽ ان جي پُٽ آريان جي لاءِ گهڻو فڪرمند آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان في الحال معاملو حل ٿيڻ تائين پنهنجي فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ جو شيڊول به معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن شاهه رخ کي ڪنهن به معاملي ۾ مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سلمان خان منشيات ڪيس ۾ آريان جي ضمانت واري درخواست بابت شاهه رخ خان کي هر وقت خبر چار وٺندو رهي ٿو جڏهن ته اهو پاڻ ۽ سندس پيءُ سليم خان ۽ ان جي گهرواري هيلن آريان جي جلد گهر واپسي لاءِ دعاڳو آهن.

سلمان خان کي پنهنجي فلم ٽائيگر 3 جو انتهائي اهم سين رڪارڊ ڪرائڻو هو جنهن ۾ شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ جو ڪردار به شامل ٿيڻو هو پر سلمان خان پنهنجو سين رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هاڻي آريان جي آزادي کانپوءِ ئي معاملن کي ٻيهر شروع ڪبو.

Read Previous

ايران جوهري ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ راضي

Read Next

ڪراچي مڪمل طور ٻُڏڻ جو خطرو، عالمي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular