اسان کي پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن جي ڏسندي اسان کي ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو.

قوم سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فلاحي پروگرام جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، اسان کي هي ملڪ فلاحي رياست بڻائڻو آهي، احساس پروگرام جي ٽيم 3 سالن ۾ ڊيٽا گڏ ڪئي، ڊيٽا بنا سبسڊي ڏيڻ آسان ناهي.

هن چيو حڪومت ملي ته معاشي حالتون تمام خراب هيون، اسان کي قرض موٽائڻو هو پر پئسو نه هو، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ چين جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي مدد ڪئي نه ته ڏيوالو ٿي وڃي ها، ان باوجود اسان کي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳو ۽ پوءِ ڪورونا اچي ويو، ان نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا کي متاثر ڪيو، پاڪستان بهتر طريقي سان ڪورونا جو مقابلو ڪيو ۽ سڄي دنيا اسان جي تعريف ڪئي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو آهي، ميڊيا جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي، ان سان معاشي جو فائدو ٿيندو آهي، ميڊيا کي چوان ٿو ته دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي؟ عالمي سطح تي عام واهپي جي شين جا اگهه 50 ۽ پاڪستان ۾ 9 سيڪڙو وڌيا.

عمران خان موجب ڀارت ۾ پيٽرول 250 رپيا ۽ بنگلاديش ۾ 200 رپيا ليٽر، جڏهن ته پاڪستان ۾ 138 رپيا ليٽر آهي، عالمي سطح تي اگهن کي ڏسندي اسان کي پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو.

Read Previous

سيمي فائنل تائين پهچڻ تي فخر آهي پر ڪم اڃا پورو ناهي ٿيو: بابر اعظم

Read Next

راولاڪوٽ ۾ هيانءُ ڏاريندڙ حادثو، بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 23 ڄڻا فوت

Most Popular