راولاڪوٽ ۾ هيانءُ ڏاريندڙ حادثو، بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 23 ڄڻا فوت

آزاد ڪشمير جي ضلعي راولاڪوٽ ۾ هيانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا.

راولاڪوٽ ڀرسان مسافر بس کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن.

حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، حادثي ۾ 7 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 16 ڄڻن زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ دم ڏنو، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال بلوچ پهچايو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب مسافر ڪوچ راولاڪوٽ ضلعي کان ڪوٽلي وڃي رهي هئي ته منجياڙي ڀرسان اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، بس ۾ ڪُل 30 مسافر سوار هئا.

Read Previous

اسان کي پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Read Next

هندو برادري ۽ شهرين پاران بدامني ۽ پوليس زيادتين خلاف ٻارھين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو

Most Popular