ورلڊ ڪپ: سريلنڪا ويندي ويندي دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز جي به ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ون جي ميچ ۾ سريلنڪا جي ٽيم دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ابو ظهبي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ٽيم چارٿ اسالانڪا جي 68 ۽ پاٿم نسانڪا جي 51 رنسن جي مدد سان ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي لاءِ 190 رنسن جو هدف ڏنو.

جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي، ائين سريلنڪن ٽيم ميچ ۾ 20 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ميگا ايونٽ مان دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز جو سفر به تمام ڪري ڇڏيو.

Read Previous

موٽر سائيڪل سوار ماءُ ۽ ڌيءُ حادثي ۾ فوت

Read Next

اداڪار فيصل قريشي دبئي ۾ ڪار حادثي جو شڪار

Most Popular