موٽر سائيڪل سوار ماءُ ۽ ڌيءُ حادثي ۾ فوت

لاهور جي علائقي رائونڊ روڊ تي گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ماءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿي ويون.

ريسڪيو اختيارين موجب ڇوڪري موٽر سائيڪل هلائي رهي هئي ۽ سندس ماءُ پويان ويٺي هئي، حادثي ۾ ٻئي فوت ٿي ويون.

ريسڪيو ٽيم ٻڌايو ته 14 ورهين جي عائشا پنهنجي ماءُ شگفته بي بي کي موٽر سائيڪل تي ويهاري ڪينال روڊ تي شاهڪام چوڪ ڏانهن وڃي رهي هئي ته گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل ضابطي مان نڪري وئي.

حادثي ۾ ٻئي ماءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿي ويون، جڏهن ته پوليس شاهديون گڏ ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

ڊيري بگٽي ۾ ليويز اهلڪار سميت ٻه ڄڻا قتل

Read Next

ورلڊ ڪپ: سريلنڪا ويندي ويندي دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز جي به ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي

Most Popular