”ڊسڪا چونڊ رپورٽ کانپوءِ عمران نيازي ۾ قانون جو ذرو به احترام آهي ته استعيفيٰ ڏئي“

ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عمران نيازي کي قانون، جمهوريت ۽ سياسي قدرن جو ذرو به احترام آهي ته ڊسڪا چونڊ جي حوالي سان رپورٽ اچڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ۽ قانون کي منهن ڏئي.

ڊسڪا چونڊ بابت جاچ رپورٽ تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو ته عوام کان سرمائي جيان ماڻهن جو ووٽ پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو اختيار به ڦرڻ ۽ کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڊسڪا چونڊ بابت رپورٽ اچي وئي آهي ۽ ووٽ چوري ثابت ٿي چڪي آهي، عمران نيازي ٻڌائي ته هاڻ ڇا جو انتظار آهي، هاڻ ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن چيو جيڪڏهن عمران نيازي کي قانون، جمهوريت ۽ سياسي قدرن جو ذرو به احترام آهي ته ڊسڪا چونڊ جي حوالي سان رپورٽ اچڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ۽ قانون کي منهن ڏئي، نواز شريف جيان وزيراعظم ٿي قانون کي منهن ڏيڻ ۽ پيشيون ڀوڳڻ لاءِ وڏي دل گهرجي، جيڪڏهن عمران نيازي طاقتور آهي ته پاڻ کي قانون هيٺان آڻي.

سندس چوڻ هو ته ڊسڪا ۾ ووٽ چوري پڪڙجڻ کانپوءِ عمران نيازي کي ڪارن چونڊ سڌارن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ضرورت پئي پر اسان چونڊ سڌارن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ نيب ترميمي آرڊيننس ذريعي پاڪستان، عوام ۽ آئين خلاف سازش جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين.

شهباز شريف چيو ته سياسي جماعتن سان گڏجي عوام غلام بڻائڻ جو موجوده حڪومت جو ڪارو منصوبو ناڪام بڻائينداسين، اها ڀوائتي سازش به حڪومت ۽ ان جي نالن سان ئي تاريخ ۾ دفن ٿيندي.

Read Previous

پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: وزيراعظم

Read Next

ناڻي بابت صلاحڪار پيٽروليم شين جي ليوي اڃا وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular