ناڻي بابت صلاحڪار پيٽروليم شين جي ليوي اڃا وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين پيٽروليم شين جي ليوي اڃا وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف به پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) وڌائڻ جو چيو آهي پر ان جو دارومدار پيٽروليم شين جي عالمي قيمتن تي هوندو، جيڪڏهن تيل جون عالمي قيمتون گهٽ ٿي وڃن ته حڪومت کي پي ڊي ايل وڌائڻ ۾ سولائي ٿي ويندي.

هن چيو ته درآمدن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه پابنديون هڻڻيون پونديون، هڪ ٻه ڏينهن ۾ حتمي گفتگو ٿيندي، اهو معاملو حل ٿي ويندو.

آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت سندس چوڻ هو پڌرائي اچڻ سان خبر پئجي ويندي ته اسان ڇا طئي ڪيو آهي پر ان جو دارومدار تيل جي قيمتن تي هوندو ته اهي ڪٿي ٿيون پهچن.

شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته ملز ۽ ڊيلرز جي ذخيري اندوزي سبب کنڊ جي قيمت وڌي، درآمدي کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي.

Read Previous

”ڊسڪا چونڊ رپورٽ کانپوءِ عمران نيازي ۾ قانون جو ذرو به احترام آهي ته استعيفيٰ ڏئي“

Read Next

بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

Most Popular