کنڊ بحران: وزيراعظم عمران خان جو وڏو حڪم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، احساس راشن، ڪامياب پاڪستان، هاري ڪارڊ ۽ ٻيا پروگرام غريبن کي رليف لاءِ جاري ڪيا.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پرائس ڪنٽرول تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، فواد چوڌري، خسرو بختيار، فخر امام، فروغ نسيم، صلاحڪارن شوڪت ترين، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل سميت ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايف بي آر چيئرمين، چيف سيڪريٽري پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ کنڊ جي اسٽاڪ ۽ اگهن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، سنڌ جي شگر ملن جي بندش جي فيصلي سان اگهه وڌيا آهن.

Read Previous

ويرات ڪوهلي جو ڪيريئر خطري ۾!

Read Next

جماعت اسلامي جو پينڊورا پيپرز تي سپريم ڪورٽ سان رابطو

Most Popular