ويرات ڪوهلي جو ڪيريئر خطري ۾!

India’s Virat Kohli reacts after loosing match against Australia during the first Twenty20 international cricket match in Visakhapatnam, India, Sunday, Feb. 24, 2019. (AP Photo/Mahesh Kumar A.)

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي ۽ ميگا ايونٽ مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڪپتان ويرات ڪوهلي مسئلن ۾ ڦاسي پيو.

ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت تان اڳ ئي هٿ کڻي چڪو آهي، ڪپتان طور ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سندس آخري ايونٽ هو، جڏهن ته هاڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪوهلي کان ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني به کسي ويندي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بي سي سي آءِ جي سينيئرن ميمبرن جو خيال آهي ته ايندڙ سيريز دوران ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچن لاءِ ڌار ڌار ڪپتان نه رکيا ويندا.

رپورٽن موجب بي سي سي آءِ جي سڀاڻي ٿيندڙ ميٽنگ ۾ نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو ۽ بورڊ ميمبرن طرفان روهت شرما کي نئون ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز 17 نومبر کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي، جسپريت بمرا، ڪي ايل راهول، محمد شامي، ايشون، پنت ۽ رويندرا جديجا کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري ميچ اڄ نبيميا خلاف کيڏندي، ڀارت 4 مان 2 ميچون هارائي ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

Read Previous

عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي ڊرون حملا

Read Next

کنڊ بحران: وزيراعظم عمران خان جو وڏو حڪم

Most Popular