اهم معاملن تي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر تي طلب

وفاقي ڪابينا پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت حتمي مشاورت ڪئي وئي ۽ 11 نومبر جي صبح 11 وڳي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پارلياماني معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ امڪاني قانون سازي تي ڪابينا ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ۽ قانوني سڌارن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ ادارن جي سڌارن بابت قانون سازي ڪرائي ويندي.

سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس بابت به قانون سازي ڪرائي ويندي.

ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان سمري صدر عارف علوي کي موڪلي وئي آهي.

Read Previous

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم به نامزد

Read Next

نيپرا بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي

Most Popular