ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم به نامزد

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پوليس پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به جوابدارن ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيم وڌيڪ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته رزاق، معراج ۽ جمال واحد کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ پڇا ڳاڇا لاءِ ٽنهي کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ اغوا جو قلم 365 شامل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڄام ڪريم سميت 15 کان وڌيڪ جوابدار اڃا تائين مفرور آهن، گرفتار ڄام اويس سميت 3 جوابدار پوليس رمانڊ تي آهن ۽ واقعي جو ڪيس قتل جي قلمن تحت داخل آهي.

Read Previous

بلڊ پريشر کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟

Read Next

اهم معاملن تي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر تي طلب

Most Popular