
ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي ۽ بجلي وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي (سي پي پي اي) جي درخواست تي بجلي جي قيمت ۾ سيپٽمبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 52 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب بجلي اگهن ۾ واڌ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي، جڏهن ته اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن واهپيدارن لاءِ نه هوندي.