
وزيراعظم عمران خان بي بي سي جي افغانستان بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کان خبردار ڪندو آيو آهيان ۽ هاڻ اها ئي ڳالهه ورلڊ فوڊ پروگرام جو سربراهه به ڪري رهيو آهي.
ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بي سي جي رپورٽ سان گڏ وزيراعظم عمران خان لکيو ته مان انساني بحران کان خبردار ٿو ڪيان، هاڻ ورلڊ فوڊ پروگرام جو سربراهه به الرٽ جاري ڪري رهيو آهي.