پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ ويجهڙايون، بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري ۽ حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت جي خلاف پارليامينٽ ۾ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

بلاول ڀُٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ قمر زمان ڪائرا به موجود هئا.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان کان طبيعت بابت پڇاڻو ڪيو ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

مولانا فضل الرحمان سان گفتگو ڪندي بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته توهان جهونا سياستدان آهيو، ٽن نسلن کان اسان جو رشتو آهي.

پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ احتساب جي حوالي سان قانونن تي پارليامينٽ ۾ گڏيل لائحه عمل وڌيڪ ڪاميابين جو سبب بڻجي سگهي ٿو پارليامينٽ جي ذريعي ئي حڪومت کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو.

هن چيو ته حڪومت جون پارليامينٽ ۾ تازيون ناڪاميون اپوزيشن جون وڏيون ڪاميابيون آهن.

انکانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ بابت سوال تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اڄ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي، جڏهن موقعو ايندو ته ڳالهه ڪنداسين، پارليامينٽ کان ٻاهر اتحاد بابت چيو ته هو ڪو به فيصلو اڪيلي سِر نه ڪندا.

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته گڏيل اپوزيشن جمهوريت روايتن سان حڪومت کي نقصان پهچايو، اسان جي ڪوشش آهي ته جمهوري انداز سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي وڃي.

بلاول ڀُٽو زرداري جو اهو به چوڻ هو ته اسان پارليامينٽ ۾ گڏجي ڪم ڪندا آهيون، مولانا فضل الرحمان سان تعلق آهي ۽ اهو رهندو، سياست ته هلندي رهندي پر اسان جو تعلق به هلندو رهندو.

Read Previous

ڪراچي واسين لاءِ نئون خطرو، وائرل انفيڪشن جو انڪشاف

Read Next

شهباز جا نالا اِي سِي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش

Most Popular