صاف آهيو ته ڊڄو ڇو ٿا؟، فيصل واوڊ جي نااهلي ڪيس روڪرائڻ جي درخواست رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس تي ٻڌڻي روڪرائڻ جي فيصل واوڊا جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن جو 12 آڪٽوبر وارو فيصلو چيلينج ڪيو هو ۽ ان جي درخواست کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته 60 ڏينهن ۾ فيصل واوڊا جي خلاف درخواست اچي چڪي آهي، توهان پنهنجي بيگناهي ثابت ڪيو، توهان جا هٿ صاف آهن ته اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ ڏيو.

جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته توهان کي اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کان ڪهڙو خوف آهي؟ توهان جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، رد ڪجي ٿي.

Read Previous

شهباز جا نالا اِي سِي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش

Read Next

رضوان جي آءِ سي يو ۾ موجودگي جي تصوير سامهون اچي وئي

Most Popular