رضوان جي آءِ سي يو ۾ موجودگي جي تصوير سامهون اچي وئي

قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽس مين محمد رضوان جي آءِ سي يو ۾ موجودگي جي تصوير سامهون آئي آهي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي محمد رضوان جي اسپتال ۾ موجودگي جي تصوير شيئر ڪئي ۽ کيس هيرو قرار ڏنو.

شعيب اختر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ڇا توهان سوچي به سگهو ٿا ته هن شخص پنهنجي ملڪ جي لاءِ کيڏيو ۽ پنهنجي بهترين راند پيش ڪئي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر ٻڌايو ته رضوان گذريل ٻن ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل آهي، هن محمد رضوان کي خراج تحسين پيش ڪئي.

هوڏانهن ڊاڪٽر نجيب پريس ڪانفرنس ڪندي جو چوڻ هو ته ٽيم جو مورال ڊائون نه ٿئي انڪري ڪنهن کي به آگاهه نه ڪيو.

Read Previous

صاف آهيو ته ڊڄو ڇو ٿا؟، فيصل واوڊ جي نااهلي ڪيس روڪرائڻ جي درخواست رد

Read Next

آمريڪي هدفن تي چيني مشقون تي ريپبليڪيشن سينيٽر کي ڳڻتي

Most Popular