هڪ ڏينهن جي حڪومت ملي ته انصاف جو نظام قائم ڪري ڇڏندس: سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي هڪ ڏينهن جي حڪومت ملي ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام قائم ڪري ڇڏيندس.

ملتان ۾ ڊسٽرڪٽ بار سان خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي جمهوري جماعت، جماعت اسلامي آهي، بار سان جماعت اسلامي جو هڪ ويجهو لاڳاپو آهي، چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ بار وڌيڪ مضبوط ٿئي.

هن چيو ته پرويز مشرف به احتساب جي ڳالهه ڪئي هئي، غربت ۽ دولت جي بنياد تي اسان معاشرو ورهائي ڇڏيو، لکن جي انگ ۾ نوجوان نشي جا عادي ٿي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، 47 هزار ارب هن وقت اسان جي قرض آهي، توهان جيڪو به ٽيڪس ڏيندا آهيو اهو وياج يا پگهارن لاءِ هوندو آهي، وياج جو نظام ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن.

Read Previous

رڳو کاڌو پچائڻ لاءِ ئي گيس ملندي، شيڊول جاري

Read Next

نواز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ رابطو، حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق

Most Popular