نواز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ رابطو، حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، نواز شريف حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائم ڏيڻ ۽ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، نواز شريف فضل الرحمان کي خاطري ڪرائي ته پي ڊي ايم لانگ مارچ تي جيڪو به فيصلو ڪندي ساٿ ڏينداسين.

ذريعن موجب ڳالهه ٻولهه دوران فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ عوام ۽ ملڪ سان ظلم هوندو.

Read Previous

هڪ ڏينهن جي حڪومت ملي ته انصاف جو نظام قائم ڪري ڇڏندس: سراج الحق

Read Next

رياست مني پور ۾ ڀارتي فوج جو ڪرنل، پُٽ ۽ گهرواري سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular