ڏوڪري باقراڻي جي ٻن تعلقن جا روڊ تباه، هنڌان هنڌان ٽُٽل، حادثا معمول بڻيل

ڏوڪري :رپورٽ وسيم ميمڻ ڏوڪري باقراڻي جي ٻن تعلقن جا روڊ تباه، هنڌان هنڌان ٽُٽل، حادثا معمول بڻيل، علائقي واسي پريشان، ايس ڊِي او جي نااهلي ۽ من مستيون عروج تي، ڪرپشن سبب ورڪس کاتو تباهي ڪناري. رپورٽ مطابق : ورڪس اينڊ سروس کاتي ماتحت هِڪ شعبي روڊس لاڙڪاڻو جي ٻن تعلقن ڏوڪري ۽ باقراڻي جا سمورا روڊ ۽ رستا هنڌان هنڌان اُکڙجي تباه ۽ برباد ٿِي ويا آهن، ايس ڊِي او روڊس ڏوڪري ۽ باقراڻِي جنهن کي ٻِنهي تعلقن سميت رتوديرو تعقي جي به اضافي چارج ڏِني ويئي آهي، باقي ضلعي اندر لاڙڪاڻو تعقو وڃي رهيو، الائي ڇو وڏي وزير جي صلاحڪار (برابر وزير) کيس اُها چارج نه ڏِني آهي، اُن ايسِ دِي او جي غلط پاليسين ۽ نامناسب منصوبن سبب روڊن ۾ کڏا کُٻا پئجي ويا آهن، اُنهن هنڌن تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. ٻِئي طرف ٻِنهي تعلقن کي لڳندڙ لنڪ روڊ توڙي مُک روڊ زبُون حال بڻجي ويا آهن، گُذريل ڏهن سالن کان مٿي عرصو گُذرڻ باوجود روڊن جي مرمت نه ٿي سگھي آهي؛ پر اِنهيءَ وچ ۾ ايسِ ڊِي او بنا ٽينڊر جي ڳُجھ ڳوھ ۾ رشوت عيوض نااهل ۽ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏِيئي صرڪس اينڊ سروس کاتي جون ڌڄيون اُڏاري ڇڏيون آهن، ٻِنهي تعلقن جي اندر عوام خواه ٽرانسپورٽر وڏين ڏُکيائيُن کي منهن ڏِيئي رهيا آهن، ٽُٽل روڊن تي هلڻ سبب گاڏيُن جا تائر وقت کان اڳ ئي ٽُٽِيو خراب ٿِيو وڃن ۽ گاڌيُن جي مرمت به وقت کان اڳ ئِي ڪرائڻي پوندي آهي. ٽُٽل روڊن ۽ وڏن وڏن کڏن کُٻن سبب گاڏيُن جون باڊيون به تباه ٿي وڃن ٿِيون، روڊن جي زبُون حالي سبب مِنٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طيءِ ڪرڻ تي عوام مجبور آهي، جڏهن ته مريضن کي ايمرجنسي بنياد تي شهر تائين وقت سِرِ پهچائي نه ٿا سگھون، ۽روڊ ٽُٽل هُئڻ جي ڪري، گاڏيُن کي به نقصان ٿِي رهيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قاضي ذولفقار علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هِن وقت تعلقو ڏوڪري ۽ باقراڻي جا سمورا روڊ رستا زبُون حال بڻيل آهن، عوام مُشڪلاتن کي مُنهن ڏِيئي رهيو آهي، روڊس کاتي جو عملدار ڪرپشن جو بادشاھُ بڻيل آهي، عوان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ شعيب ملڪ جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

Read Next

گرمي ۾ بجلي ناهي، سياري ۾ گيس ناهي: اشنا شاهه

Most Popular