گرمي ۾ بجلي ناهي، سياري ۾ گيس ناهي: اشنا شاهه

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا اشنا شاهه به عام شهرين وانگر ملڪ ۾ بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي جي ڪري پريشان نظر اچي رهي آهي.

اشنا شاهه ٽوئيٽر تي ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪندي لکيو ته گرمين ۾ بجلي ناهي، سياري ۾ گيس ناهي ۽ جيڪڏهن توهان ڪراچي ۾ رهو ٿا ته اسٽمڪ فلو دوران پاڻي ناهي.

اشنا شاهه جي ان ٽوئيٽ تي ڪجهه واهپيدارن ان مسئلي تي آواز اٿارڻ تي ان جي ساراهه ڪئي.

هڪ واهپيدار ان کي انهن مسئلن تي اداڪارا کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڳالهه ياد ڏياريندي لکيو ته سڀ کان پهريون ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي.

جڏهن ته هڪ واهپيدار ته اهو لکيو ته ”سُڪون رڳو قبر ۾ آهي“.

Read Previous

ڏوڪري باقراڻي جي ٻن تعلقن جا روڊ تباه، هنڌان هنڌان ٽُٽل، حادثا معمول بڻيل

Read Next

ثاقب نثار تي الزام، اڳوڻو جج راڻا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طلب

Most Popular