ثاقب نثار جج کي نواز شريف ۽ مريم کي نه ڇڏڻ جو حڪم ڏنو: اڳوڻي چيف جسٽس جو انڪشاف

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم پنهنجي تصديق ٿيل حلف نامي ۾ چيو آهي ته مان ان واقعي جو شاهد هيس، جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018 جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي.

گلگت بلتستان جي سينيئر ترين جج پاڪستان جي سينيئر ترين جج جي حوالي سان پنهنجي حفلي بيان ۾ لکيو آهي ته ”ميان محمد نواز شريف ۽ مريم نواز کي عام چونڊن تائين جيل ۾ رهڻ گهرجي، جڏهن ٻئي پاسي کان خاطري ملي ته هو (ثاقب نثار) پرسڪون ٿي ويو ۽ هڪ ٻيو چانهه جو ڪوپ طلب ڪيو“.

دستاويز موجب شميم اهو بيان اوٿ ڪمشنر جي روبرو 10 نومبر 2021 تي ڏنو آهي، نوٽرائزڊ حلف نامي تي اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان جي صحيح ۽ ان جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي لڳل آهي.

نوٽري پبلڪ جي مهم سان لکيو آهي ته شميم حلفي طور منهنجي روبرو 10 نومبر 2021 تي ان دستاويز تي صحيحون ڪيون، رابطو ڪرڻ تي راڻا شميم اڳ ۾ ته حلف نامي جي تفصيلن جي تصديق ڪئي، ان نمائندي حلف نامي جا تفصيل کيس واٽس ايپ ڪال ذريعي پڙهي ٻڌايا پر هن چيو ته هو صحيح طريقي سان ٻڌي نٿو سگهي.

کيس هڪ ڀيرو ٻيهر فون ڪال ڪئي وئي پر پوءِ ان جو واٽس ايپ بند ٿي ويو، هن باقاعدي ڪيل فون ڪالز به وصول نه ڪيون ۽ پوءِ ان جي فون به بند ٿي وئي.

Read Previous

”صبر ڪندڙ ۽ پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيندڙ کان ڊڄڻ گهرجي“

Read Next

”عمر جي مرڻ جو سبب بڻجندڙ کي بخش نه ڪنديس“

Most Popular