”عمر جي مرڻ جو سبب بڻجندڙ کي بخش نه ڪنديس“

ناليواري ڪاميڊين ۽ اداڪار مرحوم عمر شريف جي گهرواري زرين عمر ان جي مرڻ بابت مختلف انڪشاف ڪيا آهن.

انسٽاگرام تي زرين عمر هڪ وڊيو شيئر ڪندي مڙس عمر شريف جي نالي هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ زرين عمر لکيو ته 40 ڏينهن کان مون نه ناشتو ٺاهيو آهي ۽ نه ئي کاڌو پچايو آهي، شادي جي وقت کاڌو پچائڻ ئي نه ايندو هو، سڀ ڪجهه عمر جي ڪري سکيو، صبح جو عمر جي لاءِ ناشتو ٺاهي ٽرالي سجائي اچڻ سُٺو لڳندو هو، هاڻي مان ناشتو ناهيان ٺاهيندي، هاڻي صبح جو اٿي چانهه جو ڪوپ سائيڊ ٽيبل تي ناهيان رکندي، هاڻي صبح جو بيڊ روم جي ٽي وي آن ناهيان ڪندي، هاڻي عمر جي ڪرسي تي ڪير به ناهي ويهندو ان تي هن جو ڪجهه شيون رکيل آهن.

زرين عمر پنهنجي پوسٽ ۾لکيو ته سڀ ڪجهه مٽجي ويو پر عمر جي مرڻ جو جيڪي سبب بڻيا مان انهن کي معاف نه ڪنديس، جيڪو سڄي دنيا کي کِلائيندو هو ان کي روئاريندڙن کي مان معاف نه ڪنديس، 40 ڏينهن اڳ شادي شده هيس ۽ هاڻي بيواهه آهيان، مان ڪنهن کي به معاف نه ڪنديس.

Read Previous

ثاقب نثار جج کي نواز شريف ۽ مريم کي نه ڇڏڻ جو حڪم ڏنو: اڳوڻي چيف جسٽس جو انڪشاف

Read Next

نئين دهلي ۾ هوائي گدلاڻ، اسڪول بند

Most Popular