مورو سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران مورو م مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي

مورو سنڌ پروگريسو ڪميٽي، پي پي شھيد ڀٽو، جسم، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمھوري پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران مورو م مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي جيڪا مادرا آفيس کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پھتي جنھن جي اڳواڻي مرڪزي وائيس چيئرمين ھاشم کوسو، ڪامريڊ يونس راھو، خالد ٻگھيو، خالد کوسو، امير لغاري، منظور خاصخيلي، راشد ڪلھوڙو ء ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو تہ ھي خطو جيڪو وسيلن سان مالا مال آھي ان جي باوجود حڪمرانن جي پاليسين جي نتيجي م جيڪا مھانگائي ٿي رھي آھي ان سان غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي ھنن چيو تہ ھي رياستي نظام جيڪو عالمي سامراجي پاليسين جو ڳيجھو آھي جنھن جي نتيجي م مھانگائي وڌي رھي آھي ان جون ذميوار مرڪزي ء صوبائي حڪومتون آھن جيڪي صرف وڏيون سرمائيدارن ء سيڪيورٽي اسٽيٽ جي نالي م فوج جو پيٽ ڀري رھيون آھن اسان جو ھي اتحاد ان رياستي نظام جي خلاف ڪم ڪري ٿو.

Read Previous

انجير جا صحت لاءِ حيرت انگيز فائدا

Read Next

وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي

Most Popular