انجير جا صحت لاءِ حيرت انگيز فائدا

خشڪ انجير سياري جي موسم ۾ بهترين ناشتو سمجهيا ويندا آهن انهن ۾ وٽامنز، معدنيات ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جو ججهو مقدار موجود هوندو آهي.

ماهرين موجب رڳو ٽي کان چار انجير رات جو اڌ ڪوپ پاڻي ۾ پُسائجن ۽ انهن کي صبح جو نيراني کائجن ته توهان جي صحت تي حيرت انگيز فائدا پوندا.

انجير ۾ پوٽاشيم جو مقدار به تمام گهڻو هوندو آهي جيڪو توهان جي جسم ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪندو آهي.

انکانسواءِ انجير ۾ ڪلوروجينڪ ايسڊ رت ۾ شگر جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

ڀڳل انجير کائڻ سان ٽائپ ٽو ذيابطيس ۾ رت ۾ گلوڪوز جي سطح تي به ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

توهان سلاد، اسموٿيز، ڪارن فليڪس يا کير ۾ ڪٽيل انجير کي شامل ڪري به کائي سگهجي ٿو.

انجير ۾ فائبر هوندو آهي جيڪو آنڊن جي باقائدا حرڪت کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي، جيڪي ماڻهو مختلف وقتن ۾ قبضي سان منهن ڏيندا آهن اُهي ان کان بچڻ ۽ صحتمند آنڊن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي خوراڪ ۾ انجير کي شامل ڪن.

جيڪڏهن توهان وزن گهٽائڻ واري کاڌن تي عمل ڪري رهيا آهيو ته توهان کي پنهنجي ڊائيٽ چارٽ ۾ انجير کي به شامل ڪرڻ گهرجي.

انجير ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس بلڊ پريشر جي سطح کي ڪنٽرول ڪندي جسم مان فِري ريڊيڪل کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

ڪيترن ئي مطالعن مان خبر پئي آهي ته انجير جسم ۾ ٽرائگليسرائيڊز جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي جيڪو دل بابت مسئلن جو هڪ وڏو سبب آهي.

انکانسواءِ انجير ڪيلشيم جي سُٺي خوراڪ فراهم ڪري توهان جي هڏن کي صحتمند رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

اسان جو جسم پاڻ ڪيلشيم پيدا ناهي ڪندو جنهن جي ڪري اسان کي کِير، ڦَريُن، سبزي جي پتن ۽ انجير جهڙي ذريعن تي ڀاڙڻو پوندو آهي.

Read Previous

نيوزيلينڊ جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، آسٽريليا نئون چيمپيئن

Read Next

مورو سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران مورو م مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي

Most Popular