پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ايڪٽ ترميمي بل منظور، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل ”چونڊ ترميم ٻه بل 2021“ جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون.

اپوزيشن اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ٿيڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو پر بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017 ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ”چونڊ ترميم ٻه بل 2021“ آئين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت بنا دير غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏني ۽ پوءِ ايوان مان بل جي شق وار منظوري ورتي وئي.

ڄاڻايل بل جي شق نمبر 2 تي اپوزيشن ميمبر محسن داوڙ طرفان ترميم پيش ڪئي وئي پر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو بل گهڻي عرصي کان هلي رهيو آهي، بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، ترميم غير ضروري آهي.

ان تي ايوان کان راءِ ورتي وئي ۽ اڪثريتي راءِ سان ترميم رد ڪئي وئي، پوءِ اپوزيشن طرفان چئلينج ڪرڻ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ آيا، ائين رٿ منظور ڪئي وئي، ان دوران اپوزيشن گوڙ ڪيو ۽ اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو، اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي ايوان ۾ طلب ڪيو، جن اسپيڪر ڊائس کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.

بابر اعواڻ ٻي ترميم پيش ڪئي، جنهن تي تاج حيدر پنهنجي ترميم پيش ڪئي، جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ڪئي.

اسپيڪر بابر اعواڻ جي ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي ۽ ان کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.

شق (3) ۾ 3 ترميمون هيون، بابر اعواڻ ان تي پنهنجي ترميم پيش ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي، سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پيش ڪئي، بابر اعواڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏي.

ان کانپوءِ بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل ”چونڊ ترميم ٻه بل 2021“ منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي.

بل موجب سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن، نادرا ۽ ٻين ايجنسين جي ٽيڪنيڪي مدد حاصل ڪري سگهبي ۽ اي وي ايم جي خريداري به ڪري سگهبي.

اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت بل به منظور ڪيو ويو، اهو به قانون بابت وفاقي وزير فروغ نسيم پيش ڪيو، جنهن کي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، ان بل جو مقصد ڪلڀوشن ياديو بابت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ آهي.

ان بل تي به اپوزيشن ميمبرن ووٽن جي ڳڻپ کي غلط قرار ڏيندي اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪري احتجاج ڪيو، جڏهن ته قومي اسيمبلي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ووٽنگ بلڪل ٺيڪ ٿي آهي.

Read Previous

هندو انتهاپسندن ڪانگريس اڳواڻ جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

Read Next

اپوزيشن جو حڪومتي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Most Popular