”نواز شريف جي حق ۾ ٽين وڏي شاهدي عدليا جي اندران سامهون آئي آهي“

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت پهرئين ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هئي ۽ هاڻ خاتمي جي ويجهو آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته راڻا شميم جي انڪشافن تي سڀ کان پهريون نوٽيس اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي وڃڻ گهربو هو، حلفي بيان ايندو آهي ته ان تي جواب به حلفي بيان ۾ ئي اچڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪو ڪوڙو هو اهو فرار ٿي ويو، اڄ نواز شريف جي حق ۾ ٽين وڏي شاهدي عدليا جي اندران سامهون آئي آهي، اميد هئي ته هڪ ڏينهن سچ سامهون ايندو.

سندس موجب اسان کي يقين هو ته ظالم جي پڪڙ سخت هوندي آهي پر ظالم ايڏي جلدي پڪڙ ۾ اچي ويندو، ان جو اندازو ميان صاحب سميت مون کي به نه هو.

مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي تباهي کان بچائڻو آهي ته شفاف چونڊون ئي رستو آهي، ان هائوس تبديلي لاءِ ڪنهن جي مدد نٿا چاهيون، قدرت طرفان سزا شروع ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پهرئين ڏينهن کان وينٽيليٽر تي هئي ۽ هاڻ پڄاڻيءَ جي ويجهو آهي.

Read Previous

اپوزيشن جو حڪومتي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ميدان ۾ لهڻ وقت رانديگر هڪ شئي لاءِ تيار هوندو آهي: وزيراعظم

Most Popular