طالبان جو آمريڪا کان افغانستان جي منجمد اثاثن تائين پهچ جو مطالبو

افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته افغان مرڪزي بئنڪ کي آمريڪا ۾ ان جي منجمد اثاثن تائين جلد کان جلد ٻيهر پهچ ڏني وڃي.

افغانستان جي نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي آمريڪي ڪانگريس کي لکيل هڪ کليل خط ۾ چيو آهي ته افغانستان جا اثاثا منجمد رکڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا ۽ نه ائين ڪرڻ آمريڪي عوام جو مطالبو آهي.

متقي افغانستان جي موجوده صورتحال جي روشني ۾ خطي ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن تي انتهائي ناڪاري اثرن کان به خبردار ڪيو.

واضح رهي ته آگسٽ ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪا افغانستان کي ڏني ويندڙ امداد معطل ڪرڻ جي فيصلي سان گڏوگڏ افغان مرڪزي بئنڪ جا سمورا اثاثا به منجمد ڪري ڇڏيا هئا.

Read Previous

ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جيل مان آزاد ٿي ويو

Read Next

اڪشي ڪمار جيڪولين فرنينڊس جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Most Popular