ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جيل مان آزاد ٿي ويو

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي کي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ترجمان موجب آزادي کانپوءِ سعد رضوي مسجد رحمت اللعالمين پهتو.

گهرو کاتي جي ذريعن موجب سعد رضوي کي پهريون ڀيرو اپريل 2021 ۾ هڪ مهيني لاءِ نظربند ڪيو ويو، کيس ڊي سي جي حڪم تي نظربند ڪيو ويو هو ۽ نظربندي دوران سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو.

واضح رهي ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدي کانپوءِ ان جي آزادي عمل ۾ آئي آهي.

ان کان اڳ پنجاب جي گهرو کاتي سعد رضوي جي آزادي خلاف پنجاب حڪومت طرفان داخل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پنجاب جي گهرو کاتي سعد رضوي تي داخل 98 ڪيسن جي فهرست به وفاقي گهرو وزارت کي موڪلي هئي ۽ گهرو وزارت دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪرڻ بابت قانون واري وزارت سان مشاورت به ڪئي هئي.

Read Previous

”مضبوطيءَ سان نڪتا آهيون، اقتدار ڇڏڻ ۾ ئي حڪمرانن جي ڀلائي آهي“

Read Next

طالبان جو آمريڪا کان افغانستان جي منجمد اثاثن تائين پهچ جو مطالبو

Most Popular