صحافين جي تحفظ سميت ڪيترائي بِل سينيٽ ۾ به منظور، مخالف ڌر جون رڙيون

حڪومت سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ سميت ڪيترائي بِل مخالف ڌر جي هُل ۾ به منظور ڪرائي ڇڏيا.

انساني حقن واري وفاقي وزير شيري مزاري طرفان صحافين جي تحفظ جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، صحافين بابت بل جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ آيا.

صحافين جي تحفظ جو بِل سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي تحريڪ تي دلاور خان گروپ به حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

حڪومت طرفان صحافين جي تحفيظ جي بِل کي واڌو ايجنڊي طور پيش ڪيو جنهن تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ ربڙ اسٽيمپ پارليامينٽ نامنظور جا نعرا هنيا.

انساني حقن واري وفاقي وزير شيري مزاري چيو ته صحافين بابت بِل کي ٺاهڻ ۾ هڪ سال لڳو.

قانون واري وفاقي وزير بيريسٽر فروغ نسيم طرفان سينيٽ ۾ نيب ترميمي به ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو جنهن کي به وڏي ايوان منظور ڪري ورتو.

فروغ نسيم جو چوڻ هو ته اهو به ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ قطعي ناهي پر سڀني جي لاءِ آهي.

انکانسواءِ سينيٽ پارلياماني معاملن واري وزير محمد علي خان طرفان پيش ڪيل هائر ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل به منظور ڪري ورتو.

حڪومتي بل منظور ٿيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبر سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس وٽ اچي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Read Previous

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو جي زيرِ انتظام ، ڊائيبيٽڪ ۽ اينڊو ڪرونالاجي جي شعبي طرفان اڄ ڊائيبيٽڪ ڊي ملهايو ويو

Read Next

مانيٽري پاليسي جو اعلان، اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 8.75 ڪري ڇڏي

Most Popular