انفنڪس جو سستو سمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

انفنڪس پنهنجو سستو ترين سمارٽ فون سمارٽ 5 پرو پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

حقيقت ۾ ڪمپني ڪنهن به ملڪ جي مقابلي ۾ ان فون کي سڀ کان پهريان پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي.

سمارٽ 5 پرو ۾ 6.52 امڍم ڪي ٽي ايف ٽي ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏني وئي آهي.

اسڪرين ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ آهي جنهن جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي.

سمارٽ 5 پرو ۾ اوڪٽا ڪور پراسيسر موجود آهي پر ڪمپني ان جا تفصيل ناهن ٻڌايا.

ڊوائيس ۾ 2 جي بي ريم ۽ 32 جي اسٽوريج موجود هوندي جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿو.

فون جي خاص ڳالهه ان جي 6000 ايم اي ايڇ جي وڏي بيٽري آهي جنه سان گڏ 10 واٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

Read Previous

ڀارت: هوائي گدلاڻ ڦهلجڻ جي ڪري ٻارن جي بيمارين ۾ ٽيڻ تي واڌ

Read Next

ڪامريڊ انور ملاح ۽ ان جي ڀائرن 36 ڏينهن به احتجاج ڪندي

Most Popular