لارا دتا جي مداح جو دلچسپ تبصرو، اداڪارا جي تصديق

باليووڊ اداڪارا لارا دتا جي هڪ مداح پنهنجي دلچسپ تبصري سان اداڪارا کي رد عمل ڏيڻ تي مجبور ڪيو.

سپر اسٽارز جا فينز پنهنجي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي هر شيءِ تي نظر رکندا آهن، انهن جي ڪيترين ئي شين جي واکاڻ ڪندا ۽ انهن کي فالو ڪندا آهن.

لارا دتا جو به هڪ اهڙي ئي مداح سان واسطو پئجي ويو، جنهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي تبصري ۾ ان جو ڌيان اهڙي شيءِ ڏانهن ڏياريو جو هوءَ رد عمل ڏيڻ تي مجبور ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب لارا دتا جي هڪ مداح نوٽيس ڪيو ته ان جي فيورٽ اداڪارا ڪيترن ئي سالن کانپوءِ موبائل جو ڪَور به نه مٽايو آهي.

هن اداڪارا کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ”مان ته سمجهندو هيس ته اسان ئي غريب آهيون، هاڻي لارا دتا کي ڏسو، جنهن پنهنجي موبائل جو ڪَور ٻن سالن کان تبديل ناهي ڪيو.“

ڀارتي اداڪارا ان مداح جو تبصرو پڙهيو ۽ ان تي رد عمل جو اظهار به ڪيو.

ٿيو ائين ته لارا دتا اڄڪلهه پنهنجي نئين سيريز جي پروموشن ۾ مصروف آهي، اتي هڪ صحافي ان جو فوٽو ڪڍيو ۽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيو.

ان جي مداح اهو فوٽو ڏٺو ته ان جي نظر لارا دتا جي موبائل فون جي ڪَور تي وڃي پئي، جيڪو هو اڳ ۾ به ڪيترن ئي فوٽن ۾ ڏسي چڪو هو جنهن کانپوءِ هن اهڙو تبصرو ڪيو.

لارا دتا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ئي ان جو جواب ڏيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ لکيو، صحيح!! حقيقت ۾ ڪجهه شين جي جذباتي اهميت به ته هوندي آهي.

Read Previous

اُٻاريل انڊن جي پاڻي جا حيران ڪندڙ فائدا

Read Next

مٽياري نامياري سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسي ھالا ۾ سادگيء سان ملهائي وئي

Most Popular