مٽياري نامياري سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسي ھالا ۾ سادگيء سان ملهائي وئي

مٽياري رپورٽر نامياري سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسي ھالا ۾ سادگيء سان ملهائي وئي، سروري جماعت جي ولي عھد مخدوم محبوب الزمان مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحہ خواني ڪري دعا گهري، جڏهن ته ورسي جي موقعي تي سروري جماعت جي مريدن، پيپلزپارٽي ورڪرن،سياسي سماجي شخصيتن ۽ عوام وڏي انگ ۾ درگاھ تي پهچي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ورسيءَ جي موقعي تي صوبائي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان ھالا ۾ مخدوم امين فهيم ويلفيئر اسپتال جو افتتاح پڻ ڪيو، ان موقعي تي پيپلزپارٽي سانگهڙ جو صدر علي حسن ھنڱورجو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه،ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان اعلان ڪيو ته تمام جلد ضلعي اندر اين آء سي وي ڊي جو بنياد رکيو ويندو جنهن سان دل جي مريضن کي عالمي سطح جون معياري طبي سهولتون ملنديون، ان کانسواءِ مخدوم طالب المولي ٽيچنگ اسپتال جو ڪم پڻ جلد شروع ڪرايو ويندو. صوبائي وزير چيو ته اسان سڀ ھتي ھڪ اھڙي ھستي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آيا آهيون جنهن نه صرف ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ عوامي خدمت جو اعلي مثال قائم ڪيو آهي، ملڪ جي ايم آر ڊي ۽ اي آر ڊي جهڙين تحريڪن ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو، مخدوم خاندان سياسي اختلافن کان ھٽي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، اسان پڻ قبلا مخدوم امين فهيم جي نقش قدم تي هلندي عوام جي ترقيءَ ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون. ھن ضلعي آفيسرن تي واضح ڪيو ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري عوام جي خدمت ڪن، جيڪو آفيسر پنهنجي فرض صحيح ادا نه ڪندو ان کي ضلعي ۾ رھڻ جو حق ناهي. مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ حڪومت عوام ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، بحيثيت صوبائي وزير پنهنجي کاتي سان گڏوگڏ ضلعي معاملن تي پڻ گھري نظر آهي. صوبائي وزير چيو ته حڪومت سان گڏ انفرادي سطح تي عوام جي ڀلائيء لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو ھڪ سٺو عمل آهي، مخدوم امين فهيم ويلفيئر اسپتال جو قيام ان جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو.

Read Previous

لارا دتا جي مداح جو دلچسپ تبصرو، اداڪارا جي تصديق

Read Next

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان جڙيل مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

Most Popular