سپريم ڪورٽ غيرقانوني ڀرتين تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ سنڌ جي عدليه ۾ غيرقانوني ڀرتين تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سنڌ جي ماتحت عدليه ۾ غيرقانوني مقررين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالتي عملي جي ڀرتي ظاهري طور تي قانون جي خلاف ٿي. ڊوميسائيل ۽ عمر جي حد ۾ به گهڻيون رعايتون ڏنيون ويون. ڀرتي ٿيل ماڻهو فيصلو ڪندڙن جا مائٽ هئا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٻڌائي ڀرتيون ڪنهن جي سفارش تي ڪيون ويون.
ڪراچي ويسٽ ۾ 9 اسٽينوگرافر ڀرتي ٿيا، 8 ٻين ضلعن جا آهن. جسٽس عمر عطاءَ بنديال چيو ته رجسٽرار 2 پٽن سميت 12 ڄڻن کي ڀرتي ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي. درخواست ڏيندڙ چيو ته ظاهري طور تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي خطن تي ڊوميسائيل جي رعايت ڏني وئي. سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جا خط هڪ جهڙا ۽ هڪ ئي تاريخ جا آهن.

Read Previous

”اسان وٽ ججن کان مرضيءَ جا فيصلا ورتا ويندا آهن، رياست مٿان رياست هلندي آهي“

Read Next

پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن مٿان حملو، سپاهي شهيد

Most Popular