پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن مٿان حملو، سپاهي شهيد

پنجگور جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو سپاهي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ ايران سرحد ويجهو پنجگور واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پارٽي مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو.
انٽرسروسز پبلڪ ريليشنز آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پنجگور ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي پيٽرولنگ پارٽي مٿان حملو ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سپاهي جليل خان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب شهيد سپاهي جليل خان جو تعلق ڊيره اسماعيل خان سان هو. سيڪيورٽي فورسز دشمن عناصر جي ڪارروائين کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته دهشتگردن جي بزدلانه ڪارروائين جو مقصد بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ غيرقانوني ڀرتين تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو

Read Next

ڏوڪري شھر ۾ دڪانن اڳيان ۽ روڊ تي لڳايل مانڊيون ريڙھيون صندل توڙي چنگڪيون گڏھ گاڏا ھٽائڻ لاء آخري وارننگ عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي

Most Popular