”پريانڪا“ نالي مان ”نِڪ جونس“ هٽائي ڇڏيو، عليحدگي جون خبرون

ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي حوالي سان اڳڪٿيون هلي رهيون آهن ته هن جي نِڪ جونس کان عليحدگي ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهڙيون ڳالهيون ان وقت شروع ٿي ويون جڏهن پريانڪا انسٽاگرام تي موجود پنهنجي تصديق ٿيل اڪائونٽ تي نالو مٽائي ڇڏيو.

پريانڪا انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجو نالو ”پريانڪا نِڪ جونس“ هو جيڪو هن مٽائي نِڪ جو نالو هٽائي ڇڏيو آهي.

تنهن هوندي به اهڙي خبرن تي پريانڪا چوپڙا ۽ ان جي مڙس طرفان ڪنهن به قسم جو ڪو به رد عمل سامهون ناهي آيو.

واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جونس سال 2018 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ اها جوڙي باليووڊ جي پسنديده جوڙين مان هڪ هئي.

Read Previous

عوام جي وات مان گرهه کسڻ جون تياريون، گئس اگهن ۾ وڏي واڌ جي درخواست

Read Next

ڪهڙي وقت چانهه نه پيئڻ گهرجي؟ عادي ماڻهن لاءِ اهم خبر

Most Popular