خبردار! پيٽرول اڄ ئي ڀرائي ڇڏيو، سڀاڻي کان نه ملندو

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب 25 نومبر جي صبح 6 وڳي کان سڄي ملڪ ۾، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ چترال سميت پيٽرول پمپ بند رهندا، حڪومت مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اڃا تائين عمل نه ٿيو.

ايسوسيئيشن چيو آهي ته اسان حڪومت جي خاطري تي 5 نومبر تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو هو پر حڪومت مطالبا نه مڃيا، جيستائين ڊيلر مارجن 6 سيڪڙو نٿو ڪيو وڃي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون.

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب خميس کان اڻڄاتل مدي تائين سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين پر ايمبولينسز کي پيٽرول جي فراهمي جاري رکي ويندي.

Read Previous

پاڪستان طرفان کيڏڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي ڇا چيو؟

Read Next

”ثاقب نثار ٻڌائي ته ڪنهن کيس مون کي ۽ نواز شريف کي سزا ڏيڻ تي مجبور ڪيو“

Most Popular