پيٽرول تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، سڄو فائدو عوام کي ڏينداسين: شوڪت ترين

ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته پيٽرول تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو سمورو فائدو عوام کي منتقل ڪنداسين.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته جيڪڏهن اسان ري فنانسنگ نه ڏينداسين ته ٻيو ڪجهه ڪرڻو پوندو، اسان جو پئسو 10 رپيا انڊر ويليو آهي، افواهه هئا ته ليڪر سيز ٿي ويندا پر اهڙو ڪجهه نه ٿيندو، رپيو هاڻ ٻنهي پاسن ڏي ويندو.

هن چيو ته اسان جو مسئلو لوئر مڊل ڪلاس آهي، ڇو ته لوئر مڊل ڪلاس طبقو پيڙهجي رهيو آهي، اسان جو مسئلو غربت جو نه مهانگائي جو آهي، ورلڊ بئنڪ موجب ملڪ ۾ غربت هڪ سيڪڙو گهٽ ٿي آهي، آمريڪا ۾ مهانگائي جي شرح 9 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي ۽ آمريڪا تيل جي قيمت تي ايڪشن ورتو آهي، قيمتون هيٺ اچي رهيون آهن.

سندس چوڻ هو ته اسان ٽيڪس نه وڌائينداسين، ڪو نئون ٽيڪس يا ٽيڪسن ۾ واڌ نه ٿيندي، رڳو ٽيڪسن کان ڇوٽ کي ختم ڪيو ويندو، پيٽرول تي به سمورا ٽيڪس ختم ڪيا ويندا ۽ تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سڄو فائدو عوام کي منتقل ڪنداسين.

Read Previous

مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

Read Next

سينيئر سول جج عورت سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار

Most Popular