مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف بيانن تي مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪئي وئي آهي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف بيان ڏيڻ تي ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻي چيف جسٽس تي انفرادي حيثيت ۾ تنقيد ڪئي وئي، اهو توهين عدالت جو ڏوهه ناهي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت هڪ فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته جج قانون کان مٿانهان نه ۽ جوابدار آهن، توهين عدالت جي اختيار جو استعمال رڳو ان وقت ئي جائز آهي، جڏهن اهو عوامي مفاد ۾ هجي.

واضح رهي ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان ۽ ان کانپوءِ مريم نواز ۽ شاهد قاخان عباسي جي تقريرن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ٻنهي کي ڌر بڻايو ويو هو.

درخواست ۾ چيو ويو هو ته مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي عدالت جي توهين ڪئي، ٻنهي عدليا خلاف توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا، تنهن ڪري انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

پاڪستاني موبائل واهپيدارن لاءِ خوشخبري، پي ٽي اي وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

پيٽرول تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، سڄو فائدو عوام کي ڏينداسين: شوڪت ترين

Most Popular