مٽياري ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن خلاف احتجاج ڪيو ويو

مٽياري ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن خلاف احتجاج ڪيو ويو، خبر موجب، نيوسعيدآباد ۾ سنڌ جي معروف سماجي اڳواڻ سردار اياز ميمڻ، نوجوان اتحاد جي ڪو آرڊينيٽر شعيب ڪاڪا، سيد زمان شاه لڪياري،پرويز ڪاڪا ۽ عظيم ڪاڪا جي اڳواڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو چونڪ کان نيوسعيدآباد تعلقا پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي شھيد ناظم جوکيو کي شھيد ڪندڙ پ پ جي اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن ڄام گھنور جوکيو ۽ ڄام عبدالڪريم جوکيو جي خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي جنهن کانپوءِ نيوسعيدآباد تعلقا پريس ڪلب جي اڳيان مظاھرو ڪيو، ھنن ميڊيا کي ٻڌايو ته پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ جي ننگن ۽ دگن جي محافظن کي بيدردي سان شھيد ڪيو پيو وڃي ۽ شھيد ناظم جوکيو کي شھيد ڪري سنڌ جي شعور کي قتل ڪيو ويو آھي، ھنن ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ملوث ٻين جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي.

Read Previous

نسلا ٽاور ٻاهران متاثرن ۽ بلڊرن جو احتجاج، پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ

Read Next

پاڪستان جي ٽاپ ماڊل مشڪ ڪليم ڪنهن سان لانئون لهندي؟

Most Popular