زندگي جو مقصد پاڪستان کي مديني جيان فلاحي رياست بڻائڻ آهي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جيان فلاحي رياست بڻائڻ منهنجي زندگي جو مقصد آهي.

ناليواري آمريڪي اسڪالر شيخ حمزا يوسف کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مذهب جي معاملي تي ڪنهن سان به زبردستي نٿي ڪري سگهجي، اسلام اسان کي اهو ئي درس ڏئي ٿو.

هن چيو جڏهن مان سياست شروع ڪئي ته ماڻهو سياست ۾ اچڻ کان ڊڄندا هئا، سياست ۾ آيس ته طاقتور ماڻهن منهنجي ڪردارڪشي ڪئي پر انسان پنهنجي ناڪامين مان سکندو آهي، مان 22 سالن تائين جدوجهد ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ان ڪنهن به انسان کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي، ڪاميابي ۽ عزت رڳو الله پاڪ ڏيندو آهي مال ۽ دولت نه، انسان جي اندر غيرت جو هجڻ تمام ضروري آهي، منهنجي خيال ۾ اهو امير آهي، جيڪو پنهنجي ضمير جو سودو نٿو ڪري.

وزيراعظم عمران خان چيو ته قانون کانسواءِ ڪو به معاشرو اڳتي نٿو وڌي سگهي، پاڪستان کي مديني جيان فلاحي رياست بڻائڻ منهنجي زندگي جو مقصد آهي.

Read Previous

نيب رڳو ڪيس سان واسطو رکندڙ ملڪيت ضبط ڪري سگھي ٿو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Read Next

ڪورونا جي امڪاني نئين لهر، حڪومت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

Most Popular