نيب رڳو ڪيس سان واسطو رکندڙ ملڪيت ضبط ڪري سگھي ٿو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌايو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) رڳو اها ملڪيت ضبط ڪري سگهي ٿو جنهن جو ڪيس سان واسطو هجي، ضبط ڪيل ملڪيت جو جوابدار ۽ ڏوهه سان واسطو هجڻ ضروري آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب جي اڳوڻي ڊي پارڪس ڪراچي لياقت قائمخاني جي گھر تي ڇاپي دوران هٿ ڪيل گاڏيون ضبط ڪرڻ جي خلاف ڪار مالڪن جي درخواست تي لکت فيصلو جاري ڇڏيو .

چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بينچ 18 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلي ۾ شاهه رخ جمال، محمد طيب ۽ حارث جون گاڏيون واپس نه ڪرڻ جو احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته نيب شاهه رخ جمال ۽ ٻين گاڏين جي ضبطگي جو ڪيس سان واسطو ناهي ڏٺو ويو.

عدالت فيصلي ۾ اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي لياقت قائمخاني جي گھران هٿ ڪيل 8 مان 5 گاڏين جي نيب وٽ ضبطگي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي جي گھران ڇاپي ۾ ڀائرن، مائٽن جي گاڏين جي ضبطگي غير قانوني هئي، عدالت گاڏيون اصل مالڪن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت فيصلي ۾ لکيو نيب رڳو اها ملڪيت ضبط ڪري سگھي ٿي جنهن جو ٻڌڻي هيٺ ڪيس سان واسطو هجي، ضبط ڪيل ملڪيت جو جوابدار ۽ ڏوهه سان واسطو هئڻ ضروري آهي.

Read Previous

اومي ڪرون جي دهشت، ڏکڻ آفريقا – نيڌرلينڊ سيريز ۽ وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ختم

Read Next

زندگي جو مقصد پاڪستان کي مديني جيان فلاحي رياست بڻائڻ آهي: وزيراعظم

Most Popular