سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کان بچڻ لاءِ اسان کي اڳواٽ تياري ڪرڻي پوندي.
ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف ملڪن ڏکڻ آفريقا سميت اهڙن ٻين ملڪن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، جتان وائرس پکڙجڻ جو خطرو آهي.