طبي ماهرن جو ”اومي ڪرون“ جي اثرن بابت اهم بيان

ڏکڻ آفريقا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سربراهه ڊاڪٽر اينجيلڪ ڪوئيٽزي ڪورونا وائرس جي نئين قسم ”اومي ڪرون“ جي اثرن بابت اهم بيان جاري ڪيو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر اينجيلڪ ڪوئيٽزي چيو ته گذريل 10 ڏينهن ۾ ڪورونا جي اڻڄاتل علامتن سان تقريبن 30 مريضن جو معائنو ڪيو ويو، متاثرن کي غير معمولي ٿڪاوٽ جي شڪايت هئي.

هن ٻڌايو ته اڪثر مريضن جي عمر 40 سالن کان گهٽ هئي ۽ انهن مان اڌ ويڪسينيٽڊ نه هئا، ڪجهه مريضن کي جسم ۾ سور، ڳلي ۾ خرابي، خشڪ کنگهه ۽ بخار جون علامتون هيون.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي خطري جي شدت ۽ پکيڙ جي حوالي سان اڃا تائين ڳالهيون واضح ناهن، يقيني طور يورپ ۾ اهو ويرينٽ اڳ کان موجود هوندو.

ڏکڻ آفريقا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سربراهه چيو ته اومي ڪرون سان متاثر مريضن ۾ علامتون معمولي آهن ۽ اهي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بنا صحتياب ٿي رهيا آهن.

Read Previous

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جا ڪوچ ڪير هوندا؟

Read Next

عائزا خان جي تازي ويڊيو مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

Most Popular