ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جا ڪوچ ڪير هوندا؟

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز لاءِ به قومي ٽيم جا عارضي ڪوچ مقرر ڪندو.

مصباح الحق ۽ وقار يونس جي وڃڻ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جو عارضي ڪوچنگ سيٽ اپ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ثقلين مشتاق ٽيم جو عارضي هيڊ ڪوچ آهي.

ذريعن موجب نيشنل هاءِ پرفارمنس سينيٽر جي بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف کي عارضي ذميواريون ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نيشنل هاءِ پرفارمنس ۾ بالنگ ڪوچ جي خالي عهدي تي اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل کي وقتي طور مقرر ڪري قومي ٽيم سان گڏ بالنگ ڪوچ جون ذميواريون به ڏئي سگهجن ٿيون.

ان کان اڳ ورلڊ ڪپ ۾ بيٽنگ ڪوچ جون ذميواريون آسٽريليا جي ميٿيو هيڊن انجام ڏنيون هيون، جڏهن ته بالنگ ڪوچ ورنن فلينڊر بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم کان ڌار ٿي ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز ۾ به عارضي ڪوچنگ سيٽ اپ هوندو.

واضح رهي ته قومي ٽيم جي مستقل ڪوچن لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد اشتهار ڏيندو.

Read Previous

انسٽاگرام ۾ ڊگھين وڊيوز جي آزمائش شروع

Read Next

طبي ماهرن جو ”اومي ڪرون“ جي اثرن بابت اهم بيان

Most Popular