وفاقي حڪومت ڪورونا پابندين جي حوالي سان نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو

ڏکڻ آفريقا سان سامهون ايندڙ ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون سبب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پابندين جي حوالي سان نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو.

اين سي او سي طرفان ويڪسينيشن ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي 40 شهرن کي بهترين يا بهتر قرار ڏنو ويو آهي، نارووال، جهلم، اسلام آباد، منڊي بهاءُ الدين، پشاور، ڀمبر، باغ، ميرپور آزاد ڪشمير، اسڪردو، هنزا، گلگت، غذر ۽ شگر کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ويڪسينيشن سبب بهترين قرار ڏنو ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر 40 کان 50 سيڪڙو ويڪسينيشن ڪندڙ 27 شهرن کي بهتر قرار ڏنو آهي، انهن ۾ راولپنڊي، ملتان، سرگوڌا، گجرات، سيالڪوٽ، ميانوالي، ڊيرا غازي خان، چڪوال، حافظ آباد ۽ لوڌران شامل آهن، گڏوگڏ وهاڙي، رحيم يار خان، ڪراچي، سکر، سانگهڙ، صوابي، چترال، چارسدا، اورڪزئي، ڪرم، مظفر آباد، نيلم، حويلي، گهانچي، نگر ۽ کرمنگ کي به بهتر ويڪسينيشن وارو شهر قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ويڪسينيشن 40 سيڪڙو کان گهٽ آهي.

اين سي او سي موجب بهترين ويڪسينيشن وارن شهرن ۾ ڪي خاص ڪورونا ايس او پيز لاڳو نه هونديون ۽ زندگي معمول موجب بحال رهندي پر انهن شهرن ۾ ماسڪ، سماجي وٿي ۽ سينيٽائيزيشن ضروري هوندي.

بهترين ويڪسينيشن وارن شهرن ۾ ڊائننگ، شادي تقريبن، مزارن، آفيسن ۽ جم لاءِ مڪمل ويڪسينيشن لازمي هوندي ۽ ٽرانسپورٽ 100 سيڪڙو ملازمن سان هلائي سگهبي.

هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته بهتر ويڪسينيشن وارن شهرن ۾ ان ڊور تقريبن ۾ 500 تائين ماڻهن جي اجازت هوندي، جڏهن ته آئوٽ ڊور تقريبن ۾ 1000 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هوندي.

اين سي او سي موجب بهتر ويڪسينيشن وارن شهرن ۾ ان ڊور ڊائننگ لاءِ 70 سيڪڙو گنجائش جي اجازت هوندي ۽ ان ڊور آئوٽ ڊور ڊائننگ رات 12 وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر چيو آهي ته بهتر ۽ گهٽ ويڪسينيشن وارن شهرن ۾ رات 10 وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت هوندي ۽ سڄي ملڪ ۾ سئنيمائن ۾ رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته مسافر ٽرينون 80 سيڪڙو ويڪسينيٽڊ مسافرن سان هلايون وينديون.

اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر نه هوندو پر بارڊرن تي لاڪ ڊائون برقرار رهندو، سياحتي علائقن لاءِ ويڪسين ٿيل ماڻهن جي پاليسي برقرار رهندي ۽ ٻاهرين ملڪ کان پاڪستان ايندڙن لاءِ نئين پاليسي لاڳو ٿيندي.

هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جون نيون پاليسيون پهرين کان 15 ڊسمبر تائين لاڳو رهنديون، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال بابت ايندڙ اجلاس 14 ڊسمبر تي ٿيندو.

Read Previous

”گم ٿيلن جي ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا تي اچي ٿي، ڇو نه کانئن معاوضو وٺون“

Read Next

ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل جو سيڪريٽري عرفان علي مهر قتل

Most Popular