ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل جو سيڪريٽري عرفان علي مهر قتل

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر کي قتل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب عرفان علي مهر جي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ پيش آيو، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس ٻڌايو ته عرفان علي مهر تي جوابدارن انڌادنڌ فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، جڏهن ته وڪيل اڳواڻ نعيم قريشي ايڊووڪيٽ موجب 45 ورهين جو عرفان گلستان جوهر جو رهواسي هو ۽ پنهنجي ٻارڙي کي ڪار ۾ اسڪول ڇڏڻ لاءِ بلاڪ 13 پهتو ته واپسي تي موٽر سائيڪل سوار ٻه جوابدارن کيس نشانو بڻايو.

ايس ايس پي ايسٽ قمر رضا جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته واقعي وقت گاڏي ۾ عرفان سان گڏ سندس ڀائٽيو به هو، جيڪو محفوط رهيو، عرفان مهر کي 3 گوليون لڳيون، پوليس کي واقعي واري هنڌان 30 بور پسٽل جا 3 خول لڌا آهن.

هوڏانهن واقعي جي سي سي ٽي وي به پوليس کي وصول ٿي وئي آهي، ويڊيو ۾ جوابدارن کي هيلمٽ پاتل ڏسي سگهجي ٿو ۽ اهي گاڏي تي فائرنگ ڪري رهيا آهن.

Read Previous

وفاقي حڪومت ڪورونا پابندين جي حوالي سان نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

”طلاق جو لفظ ٻُڌي سَڪتي ۾ اچي وئي هئس“، ٻارڙِي لارا دتا کي وائڙو ڪري ڇڏيو

Most Popular