تعليمي ادارن ۾ مڊٽرم امتحان معطل ڪرڻ جو اعلان

سرڪاري تعليمي ادارن کي ميونسپل ڪارپوريشن تحت ڪرڻ جي معاملي تي فيڊرل گورنمينت ايجوڪيشن، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي هڙتال جاري رکندي سومر کان تعليمي ادارن ۾ شروع ٿيندڙ مڊ ٽرم امتحان معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

فيڊرل گورنمينٽ ايجوڪيشن، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين فضل مولي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ وائرس چيئرمين منصور علي شاهه تعليم واري وزارت جي اختيارين سان ٿيندڙ ڳالهين ۽ ڊيڊ لاڪ تي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ عهديدارن طرفان 100 سيڪڙو اتفاق راءِ سان طئي ڪيو ويو ته هڙتال جو سلسلو جاري رکيو ويندو، تعليمي ادارن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهندي، جڏهن ته هاڻ ڳالهيون بااختيار حڪومتي سطح تي ئي ڪيون وينديون.

سومر کان شروع ٿيندڙ مڊ ٽرم امتحانن جو شيڊيول معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو ويو آهي ته جڏهن اسڪولن ۾ تعليمي سلسلو بحال ڪيو ويندو ته ٻيهر شيڊيول جاري ڪيو ويندو، ٻار پڙهايل سليبس موجب گهرن ۾ تياري جاري رکندا.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پنهنجي پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته ايڪشن ڪميٽي جون ذيلي ڪميٽيون آگاهي مهم، جڏهن ته مرڪزي ڪميٽي روز جي بنياد تي 6 سيڪٽرن جو دورو جاري رکندي ۽ جلد اجلاس گهرائي اڳتي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

Read Previous

سيالڪوٽ واقعو: سريلنڪا جو ايل پي ايل ۾ شريڪ پاڪستانين جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو

Read Next

ڀارت: سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 13 مزدور مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Most Popular