ڀارت: سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 13 مزدور مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Burnt vehicles are seen outside the Nigeria police force Imo state command headquaters after gunmen attacked and set properties ablaze in Imo State, Nigeria April 5, 2021. Picture taken April 5, 2021. David Dosunmu/Handout via REUTERS THIS IMAGE HAS BEEN SUPPLIED BY A THIRD PARTY

ڀارتي رياست ناگالينڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 13 مزدور مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڀارتي ميڊيا موجب سيڪيورٽي فورسز ناگالينڊ رياست ۾ هڪ آپريشن دوران ٽرڪ تي فائرنگ ڪئي، ٽرڪ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور موجود هئا، ٽرڪ تي فائرنگ خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي به سيڪيورٽي فورسز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 مزدور مارجي ويا.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي مارجڻ کانپوءِ مڇريل ماڻهن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته هجوم ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ جهڙپن ۾ هڪ اهلڪار به مارجي ويو.

پوليس موجب مارجي ويلن ۾ هڪ غير مقامي مزدور به شامل آهي.

هوڏانهن ڀارتي فوج جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ شدت پسندن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن ۾ شهرين جي مارجڻ جي جاچ ڪئي پئي آهي.

Read Previous

تعليمي ادارن ۾ مڊٽرم امتحان معطل ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ويسٽ انڊيز کي وڏو ڌڪ، ڪپتان پولارڊ پاڪستان دوري کان ٻاهر

Most Popular