هواوي ڪمپني عالمي سطح تي قدم کڻڻ لاءِ تيار

آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ هواوي جي سمارٽ فونز جو وڪرو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ماڊلز جو انگ به نه هئڻ برابر رهجي ويو آهي.

حقيقت ۾ آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ ڪپمني جو سمارٽ فون مارڪيٽ شيئر به گهڻو ويهجي ويو آهي جڏهن ته نئين فونز جي تياري لاءِ انکي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ هواوي فونز گوگل سروسز ۽ ايپس کان محروم ٿي وئي جڏهن ته اوپن سورس اينڊرائيڊ سسٽم استعمال ڪرڻو پيو.

اهو ئي سبب آهي ته هواوي طرفان 2021 کان چين ۾ اينڊرائيڊ جي ڀيٽ ۾ تيار ڪيل آپريٽنگ سسٽم هارموني او ايس تي ڪم ڪرڻ واري سمارٽ فونز پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

هاڻي چيني ڪمپني هارموني او ايس تي ٻڌل فونز عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪپمني موجب 2 ڊسمبر 2021 تائين 2135 هواوي ۽ آنر ڊوائيسز ۾ هارموني او ايس کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ هواوي جي ڪنزيومر بزنس جي سربراهه ڊيرڪ يو ٻڌايو ته ڪمپني عالمي واهپيدارن کي 2022 ۾ هارموني او ايس آپريٽنگ سسٽم موجود هوندو.

اهو پهريون ڀيرو هو جڏهن هواوي جي هڪ اهم عهديدار هارموني او ايس کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ڊيرل يو موجب اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم سان هارموني او ايس تي منتقل ٿيڻ تي ڊيوائسز جي گڏيل ڪارڪردگي 10 سيڪڙو بهتر ٿي ويندي.

ان حوالي سان او ايس جي عالمي دستيابي جي لاءِ ڪا خاص تاريخ يا مهينو ناهي ٻڌايو ويو.

Read Previous

جيڪولين تي ڀتي خور کان ڪروڙن جا تحفا وصول ڪرڻ جو الزام

Read Next

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي مٽياري ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي

Most Popular