سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي مٽياري ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي

مٽياري رپورٽر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي مٽياري ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، خبر موجب. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ڳري مشينري ۽ وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري نڪري پيو، ڪيترن ئي هنڌن تي غير قانوني قبضا ڄاڻائي دوڪان، دڪا، ڪئبنون، ٿلها ٺاهي پٽ ڪيا ويا، ان موقعي تي شهرين جا هجوم گڏ ٿي ويا، شهر جي سرڪل روڊ تي تعميراتي ڪم به جاري ڪيو ويو آهي، انڪروچمينٽ هٽڻ سبب ڪيترائي ڪلاڪ بجلي به بند رهي ۽ روڊ به بند ٿي ويو، ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه جي حڪم تي چئن ڏينهن کان انڪروچمينٽ خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ مٽياري شهر جي پراڻي نقشي تحت سرڪل جيڪو 33 فوٽ آهي اتان غير قانوني اڏاوتون هٽايون پيون وڃن ۽ سمورو سرڪل روڊ نصرپور چوڪ کان مين بس اسٽينڊ مٽياري تائين بحال ڪري نئون تعمير ڪرايو پيو وڃي، هن چيو ته سمورن ماڻهن کي 2 مھينا اڳ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، هن وقت به جن جن مهلت ورتي آهي انهن کي مهلت ڏني وئي آهي جيڪو پاڻمرادو قبضو ڊاهي نه ته انتظاميه ڪاروئي جو حق رکي ٿي، هن چيو ته چار مرحلن ۾ ڪاروائي ڪئي ويندي پهريون مرحلو شروع ڪيو آهي، جلد ٻيا مرحلا به شروع ٿيندا هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قبضا گير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي هر صورت سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.

Read Previous

هواوي ڪمپني عالمي سطح تي قدم کڻڻ لاءِ تيار

Read Next

جيئري هوندي سيالڪوٽ جهڙو واقعو ٻيهر ٿيڻ نه ڏيندس: وزيراعظم

Most Popular